ريڻ درياهه

ريڻ درياهه: قديم زماني ۾ سنڌ جي زمين کي سيراب ڪندڙ هڪ درياهه، نصرپور کان ڏکڻ طرف وهندڙ سنڌو درياهه جي وهڪري مان، ٽنڊي محمد خان ۽ ماتليءَ جي ريلوي اسٽيشن کان چار ميل پنڌ تي، سنڌو درياهه مان وهندو هو. ’ريڻ‘ لفظ ننڍي وهڪري لاءِ ڪم آيل آهي. درياهه ۾ ڪو ننڍو سوراخ ٿي پيو ۽ انهيءَ مان پاڻي وهڻ لڳي ته انهيءَ کي ’ريڻ‘ يا ’روڻ‘ به چئبو آهي ۽ چوندا آهن ته درياهه کي فلاڻي هنڌان ’ريڻ/ روڻ‘ پئجي وئي آهي. درياهه تي اهو نالو ان سبب پيو هوندو. انهيءَ درياهه جي ڪناري تي ڊگهن پنن واري ’پن‘ هوندي هئي. جنهن مان تونريون ۽ تڏا ٺهندا آهن، ڪن محققن جي راءِ آهي ته درياهه جي ڪناري کي پن جا ٻيلا هجڻ سبب درياهه ’ريڻ‘ جو نالو پيو. ريڻ درياهه، نظام سما اسٽيشن جي اولهه کان ڪجهه ڪلوميٽرن جي پنڌ تي سنڌو درياهه مان وهي نڪرندو هو. هي درياهه ٽنڊي محمد خان، ماتلي ۽ بدين تعلقن مان وهي سنڌو درياهه جي ڪوري ڇاڙهه ۾ ڇوڙ ڪندو هو. چچ نامي ۾ ڄاڻايل آهي ته، ”ريڻ درياهه جو ڍورو ڳٺ، تلهار جي ڀرسان نڪري رپ کان وهي، بدين کان چار ميل اولهه طرف گذري ڳوٺ ڦتن پرهياڙ کان لنگهي شير خان چانگ جي ڪوٽ کان ٿي ڪوري ۾ ڇوڙ ڪندو هو. ريڻ درياهه جون ٻيون ننڍيون ڪافي شاخون هيون، جي پڻ ريڻ وانگر پنهنجا پنهنجا نشان وڃائي ويٺيون آهن. قديم زماني ۾ جيڪي به شهر آباد ٿيندا هئا، اهي پاڻيءَ جي سهاري تي اڏيل هوندا هئا ۽ پاڻيءَ جي نه هئڻ ڪري قديم وسندڙ شهر ويران ٿيندا رهيا آهن.
ريڻ درياهه جو وهڪرو ڪتابي اشارن ۽ ماڻهن جي روايتن موجب ماتلي ۽ ٽنڊي غلام حيدر جي الهندي کان، تلهار جي اولهه ۽ اوڀر کان، بدين ۽ سيراڻيءَ جي اوڀر وٽان گذري وڃي ڪوريءَ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. انهيءَ وهڪري جي سهاري، ريڻ درياهه جي ڪنارن تي ڪيترا شهر ۽ ڳوٺ اڏيل هئا، جن ۾ فتح باغ، جوڻ، لڪڙي، شاهه بنگال جو دڙو، دلن جو دڙو، شاهه گهريو، بدين، مصري شاهه جو دڙو، ڦٻي کڏي، ڪنڊر جو دڙو، برهان شاهه، شهاب الدين جو دڙو، وڄڻو دڙو، مالهين جو دڙو، ڪوڪل جو دڙو، وير ٿري، روپا ماڙي، داسترن جو شهر. کير سرپيز مانجهي، وانر پير ۽ ٻيا ڪيترا شهر ۽ ڳوٺ ريڻ جي سهاري سان آباد رهيا ۽ برباد ٿيا. انهن شهرن مان هينئر رڳو بدين ۽ تلهار باقي رهيا آهن. باقي قديم شهر ۽ ڳوٺ دڙن جي حالت ۾ ڍير ٿيا پيا آهن.


لفظ ريڻ درياههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو